پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو فتويٰ باز مولوي آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: (بيورو) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير فواد چوڌري هاڻوڪي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪنهن جي خلاف به مذهب جي استعمال کي روڪڻ تي تعريف جو مستحق قرار ڏنو آهي.ٻه ڏينهن اڳ جميعت علماءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ڪل جماعتي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ بلاول ڀٽو مولانا صاحب سان اعتراض ڪيو ته ڪنهن جي خلاف مذهب کي استعمال نه ڪيو ويندو.فواد چوڌري بلاول ڀٽو کي ان ڳالهه تي تعريف جوڳو قرار ڏنو ۽ ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو فتويٰ ڏيندڙ مولوي آهن، سموري طبقي کي ان رويي خلاف جهاد ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته اسان جي 75 سيڪڙو مسئلن جو سبب عالم آهن، بلاول ڀٽو ان اسٽينڊ تي تعريف جو حقدار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *