پاڪستان علائقي ۾ ڪنهن وڌيڪ جنگ جو حصو نه بڻجندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ وڌيڪ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو.وزيراعظم عمران خان عمان جي مذهبي معاملن جي وزير عبدالله بن محمد بن عبدالله السلمي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.پڌرائيءَ موجب وزيراعظم عمران خان ۽ عماني وزير جي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻا هوندا، ڇو ته جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي.سندس چوڻ هو ته خطي ۾ تڪرار سان پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان هاڻ خطي ۾ وڌيڪ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو.هن چيو ته اسان ايران – آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ايران ۽ سعودي عرب ۾ تڪرار ختم ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون، پاڪستان سدائين امن جو پارٽنر بڻجندو، خطي ۾ امن ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.وزيراعظم عماني سلطان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ عمان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهن ٿا.عمران خان عماني وزير کي والاريل ڪشمير ۾ بدترين انساني صورتحال بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 مهينن کان بدترين لاڪ ڊائون جاري آهي.وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن سان امتيازي سلوڪ بابت آگاهي ڏيندي مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *