راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پارا چنار جو دورو ڪري غمگين خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف قبيلائي اڳواڻن سان ملاقات ڪري آرمي پبلڪ اسڪول جي قيام جو يقين ڏياريو، آءِ ايس پي آر پارا جاري بيان موجب ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ ته پاڪستان سڀني جو آهي، ڪو فرق نه ڪرڻ گھرجي، دهشتگرديءَ جي خاتمي جي لاءِ قبيلائي عوام جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، پاڪستان ساڙ کان مٿاهون ٿي سڀني جو ملڪ آهي، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو به اهم ڪردار آهي، آرمي چيف اسپتال ۾ هيٺ زخمين جي عيادت به ڪئي آرمي چيف پشاور سي ايم جو به دورو ڪيو.