پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن جي شروعات اڄ رنگا رنگ افتتاحي تقريب سان ٿيندي

دبئي (اين اين آءِ)پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايڊيشن جي شروعات اڄ خميس تي رنگارنگ افتتاحي تقريب سان ٿيندي يونٽ ۾ پاڪستان سميت ڪيترائي پرڏيهي اسٽار به ايڪشن ۾ نظر ايندا اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽائيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي ۽ پشاور ظلمي جي خلاف ايونٽ جي افتتاحي مئچ کان ٽائيٽل دفاع مهم شروع ڪئي ويندي اسلام آباد يونائيٽيڊ گذريل سال منعقد پهرين پي ايس ايل جي فائنل ۾ ڪوئيٽا کي شڪست ڏيئي چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو ايونٽ ۾ پاڪستان سميت ڪيترن ئي پرڏيهي اسٽار به ايڪشن ۾ نظر ايندا 5 مارچ تائين کيڏندڙ ليگ ۾ 5 ٽيمون اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندر، پشاور ظلمي ۽ ڪوئيٽا گليدي ايڪٽرس جون ٽيمون ٽائيٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون افتتاحي مئچ ۾ دفاعي چئمپين اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور ظلمي جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. ليگ ۾ فائينل سميت گڏيل طور تي 25 مئچون کيڏيون وينديون ليگ مئچن جو سلسلو 26 فيبروري تي پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *