اسلام آباد(بيورو) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو پيو وڃي. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صبح ۱۰ وڳي ڪشميرين سان همدردي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، پاڪستان کي ڪشمير سان ڳنڍيندڙ پلين تي انساني هٿن جون زنجيرون ٺاهيون ويون، جنهن ۾ ڪشمير ڪميٽي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ وڏا وڏا بينرز ۽ پينا فليڪس هنيا ويا آهن جن ۾ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ڪشمير ڪائونسل پاران به ان ڏينهن جي مناسبت سان اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون.