پاڪستان سان گڏيل ڳالهين لاءِ تيار آهيون: افغان صدر اشرف غني
September 1, 2017 at 10:38 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪابل(م ڊ) افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته پاڪستان سان مختلف مسئلن تي گڏيل ڳالهين لاءِ تيار آهيون. افغان ميڊيا موجب عيد الاضحيٰ جي نماز کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اشرف غني چيو ته پاڪستان سان گڏ امن افغانستان جي قومي ايجنڊا آهي، پاڪستان کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته مختلف معاملن تي ان سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. افغان صدر چيو ته خطي جي سلامتي جي ڪري اسان هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، اهڙو امن چاهيون جنهن جي بنياد سياسي نظريي تي هجي. هن چيو ته دنيا کي خبر پئجي چڪي آهي ته افغانستان کي زور ڏئي ڪنهن ڪم لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڏانهن امن جو هٿ وڌي رهيو آهي ڇو ته امن خدا جو حڪم آهي، باغين ۽ ويڙهاڪن سان مطالبو ڪيو آهي ته امن عمل جو حصو بڻجن، طالبان سميت سڀني جي لاءِ دروازا کليل آهن، ڪنهن طاقت جي اڳيان نه جهڪنداسين.