بيجنگ (م ڊ) چين هڪ ڀيرو ٻيهر دهشت گردي خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان راڄڌاني بيجنگ ۾ نيوز ڪانفرنس دوران چيو ته چين ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم به رکون ٿا ۽ صلاحيت به. پاڪستان ۽ چين ٻئي اهڙين سرگرمين ۾ ملوث دهشت گردن کان سندن ڪاررواين جي قيمت وصول ڪرڻ جو به عزم ۽ صلاحيت رکن ٿا.