اسلام آباد/بيجنگ (اين اين آءِ) چين جي پرڏيهي وزير وانگپي چيو آهي ته پاڪستان سان چين جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جون سازشون ڪامياب نه ٿينديون چين پاڪستان سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن جي هن نئين دور جي آجيان ڪري ٿو جيڪو وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو آهي جڏهن ته شاهه محمود قريشي واضح ڪيو ته اقتصادي لنگهه منصوبو پاڪستان لاءِ اهم آهي جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ نوڪريون ترقي ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا اسان جي حڪومت اقتصادي لنگهه جي سيڪيورٽِ يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻدي پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان لاءِ اهم آهي ۽ هي منصوبو ان جي حڪومت جي پهرين ترجيحي رهندو پرڏيهي خابرو اداري سان چيني پرڏيهي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ۾ ڪيون ٻئي اڳواڻ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ۾ آهن جتي انهن سربراهي اجلاس جي سائيڊ لائين تي ملاقات ڪئي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي وانگپي کي ٻڌايو ته حالتن ۾ تبديلي جي باوجود پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ڪائي تبديلي نه ايندي ملاقات کان پوءِ چين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ وانگپي جو چوڻ هو ته چين پاڪستان سان پنهنجن پراڻن لاڳاپن جي هن نئين دور جي آجيان ڪري ٿو چيني پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪ چين لاڳاپن ۾ مداخلت ڪرڻ يا بداعتمادي پيدا ڪرڻ جي سازشن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو هن چيو ته پاڪستان ۽ چين کي هن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته جيئن پاڪستان جي عوام تائين ان جا ثمر پهچي سگهن.