پاڪستان رينجرز ۽ بي ايس ايف وچ ۾ نئين دهلي ۾ جاري اجلاس ختم

November 11, 2017 at 6:17 am

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان رينجرز ۽ ڀارتي بارڊر سڪيورتي فورسز وچ ۾ جاري ٽن ڏينهن وارو اجلاس نئين دهلي ۾ ختم ٿي ويو آهي، جنهن دوران بارڊر ڪراسنگ ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، آءِ ايس پي آر جو چوڻ هيو ته اجلاس دوران جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو معاملو به بحث هيٺ آيو، اجلاس انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جو چوڻ هيو ته ڀارتي فائرنگ سان عورتون ۽ ٻار به نشانو بڻجي رهيا آهن، 2003 جي جنگ بندي معاهدي کي ٻيهر موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ غلطي سان سرحد پار ڪري ويندڙن جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ جي قدمن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ بارڊر ڪراسنگ ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ به مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان دوران ورڪنگ بائونڊري ۽ عالمي سرحد ويجهو دفاعي تعميرن تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ دفاعي تعميرات بابت معاملا فوري طور حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته بارڊر مئنيجمينٽ جي معمولي نوعيت جا مسئلا مقامي ڪمانڊرز ئي طئي ڪندا.

اي پيپر