لاهور (م ڊ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان ريلوي عيد آپريشن ۾ پنج لک کان وڌيڪ مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪندو، عيد اسپيشل ٽرينن ۾ عورتن، معذورن ۽ بزرگن جي لاءِ سيٽن جي ڪوٽا مختص/ ڪئي وئي آهي، خواجا سعد رفيق لاهور ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عيد تي 33 سيڪڙو روايت ايڊوانس بڪنگ ۽ ونڊو ٽڪٽ ٻنهي تي فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان مسافرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته پاڪستان ريلويز تي عوام جو اعتماد بحال ٿيو آهي، مسافرن جي انگ ۾ ساليانو ڏيڍ ڪروڙ اضافو خوشيءَ جوڳو آهي ۽ عيد تي ملڪ واسين جو انهن جي پيارن سان ملڻ جو هڪ مقدس فرض ۽ هڪ خوشگوار ذميداري آهي، عيد جي فوري بعد رش جي ڏينهن ۾ سمورين ٽرينن ۾ خصوصي اضافي ڪوچز لڳايا ويندا، جيئن پاڪستان ريلويز عيد جي ڏينهن ۾ هر روز 85 مسافرن کي سفري سهولت فراهم ڪندو.