پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ساٿ نه ڏنو ته وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو: ٽرمپ

August 23, 2017 at 9:43 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ورجينيا ( م ڊ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان تي الزام هڻندي ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي. آرلينگٽن فوجي اڏي تان خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي مبينا ٿاڪن تي خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افرا تفري پکڙيندڙن کي پناهه ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ پاڪستان کي پنهنجي صورتحال تبديل ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي تهذيب جو مظاهرو ڪندي امن قائم ڪرڻ لاءِ دلچسپي وٺڻي پوندي، ڏکڻ ايشيا ۾ هاڻي آمريڪي پاليسي گهڻي حد تائين تبديل ٿي ويندي. آمريڪي صدر پنهنجي خطاب ۾ هڪ طرف پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قربانين جي واکاڻ ڪئي  ته ٻي طرف واضح ڪيو ته پاڪستان اربين ڊالر وٺڻ باوجود دهشتگرديءَ کي پناهه ڏئي رهيو آهي،  جڏهن ته سان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي مالي مدد ڪندا آيا آهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اسان جو اهم ڀائيوار آهي، پاڪستان افغانستان ۾ سان جو ساٿ نه ڏنو ته نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.

اي پيپر