واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا ۾ پاڪستان سفير اعزاز چوهدري چيو آهي ته پاڪستان جي باري ۾ غلط تاثر ماضي جو قصو آهن نئين نقطي نظر سان پاڪستان کي ڏسڻ جي ضرورت آهي پاڪستان اقتصادي جي سلامتي محاذن تي زبردست اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ پاڪستان پائيدار اقتصادي ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي پاڪستان جي ڌرتي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوهدري آمريڪا جي صحافين سان ملاقات دوران چيو آهي ته نئين نقطي نظر سان پاڪستان کي ڏسڻ جي ضرورت آهي دهشتگردي ختم ٿيڻ سبب پاڪستان معيشت تي سٺا اثر پيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر ازم آهي.