اسلام آباد(بيوور) پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، ڪامره ايئربيس تي جي ايف ۱۷ ٿنڊر جنگي جهاز پاڪستان ايئرفورس جي ٻيڙي ۾ شامل ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته مشڪل وقت ۾ هوائي فوج جو ڪردار اهم هوندو آهي، پاڪستان جي هوائي فوج بهادر جي علامت آهي، هوائي فوج نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن جي ڪري مشهور آهي.