پاڪستان جي ڇهين آدمشماريءَ جو گهر ڳڻپ وارو پهريون مرحلو نئون ديرو ۾ شروع

نئون ديرو (عبدالله ميراڻي) پاڪستان جي ڇهين آدمشماريءَ جو گهر ڳڻپ وارو پهريون مرحلو نئون ديرو ۾ شروع ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ ٿيندڙ گهر شماريءَ ۾ نئون ديرو هائوس جي ڳڻپ ڪئي وئي سرڪل نمبر 3 جي بلاڪ ڪوڊ نمبر 313060303 ۾ گهر نمبر 003 لڳايو ويو جنهن جو سربراهه اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر جي الڳ گهرن جي ڳڻپ ڪئي ويندي. آدمشماريءَ ٽيمون نئون ديرو جي مختلف پاڙن کان گهر شماري ڪرڻ جو مرحلو شروع ڪري ڏنو. گهر شماري 25 کان 27 اپريل تائين مڪمل ڪئي وئي جنهن بعد 28 اپريل کانپوءِ 12 ڏينهن تائين آدمشماريءَ جو مرحلو شروع ڪي ويندو. رتوديرو تعلقي اندر ٽوٽل 6 چارجز ٺاهيا ويا آهن جنهن ۾ نئون ديرو شهر کي چارج نمبر 6 ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ 5 سرڪل جوڙيا ويا آهن. نئون ديرو جي سرڪل نمبر 1 ۾ 4 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جنهن ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ واري علائقي کان سڪندر آباد، شيخ محلا، ريلوي ڪالوني، جوڳي محلا، کوکر پاڙو ۽ ٻيا محلا شامل آهن جڏهن ته سرڪل نمبر 2 ۾ 3 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جنهن ۾ شاهنواز ڪالوني، شگر مل، پير جو ڳوٺ، ننڍا موهل، احمد شاهه ڪالوني، گرگهل شاهه پاڙو ۽ ٻيا محلا شامل آهن. سرڪل نمبر 3 جيڪو هن چارج جو وڏي ۾ وڏو سرڪل آهي ۽ هن سرڪل ۾ اڳوڻو صدارتي هائوس به شامل آهي هن سرڪل ۾ ٽوٽل 12 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جنهن ۾ جڳ چوڪ کان نئون ديرو هائوس، ڪٽپر پاڙو، ميمڻ پاڙو، ميراڻي محلا، ڪرٽيا محلا، کهڙا پاڙو، پوسٽ آفيس، موريه محلا، شاهي بازار، انصاري پاڙي سميت ٻيا پاڙا شامل آهن. سرڪل نمبر 4 ۾ 8 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن جنهن م غريب آباد، بلاول ڪالوني، رورل هيلٿ سينٽر، ڊگري ڪاليج، لاشاري پاڙو، سومرا محلا، ميراڻي محلا سميت ٻيا محلا شامل آهن. سرڪل نمبر 5 ۾ 3 بلاڪ جوڙيا ويا آهن جنهن ۾ غريب آباد ون، ٽو، ٿري ۽ فور ۽ ان جي آس پاس وارا محلا شامل ڪيا ويا آهن. نئون ديرو ۾ ٽوٽل 60 عملدارن کي گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 18 اينيوميٽر، 18 فوجي اهلڪار ۽ 18 پوليس اهلڪارن جي نگرانيءَ لاءِ 5 سرڪل آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مڙني عملدارن جي نگرانيءَ لاءِ هڪ چارج آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. گهر شماريءَ لاءِ ٽوٽل 18 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي ڄاڻايل بلاڪن ۾ گهر شماري ڪري رهيون آهن جڏهن ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر ون ۾ شڪايتي مرڪز پڻ جوڙيو ويو آهي جڏهن ته مقرر ڪيل اينيوميٽر گهر شماري جا فارم ڪاري ڪلر جي بال پين سان ڀري رهيا آهن ۽ هن وقت تائين ڪا به شڪايت وصول ناهي ٿي. هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين الله ڏنو ڀٽو پاران نئون ديرو ۾ لائوڊ اسپيڪرن ذريعي جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ گهر – گهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ اعلان ڪرايا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *