اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جي پهرين ريموٽ سنسنگ سيٽلائٽ (پي آر ايس ايس 1) اڄ کان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. منصوبابندي واري وزارت موجب پي آر ايس ايس 1 کي 19 جولاءِ تي چين مان خلا ڏانهن موڪليو ويو هو ۽ اڄ سيٽلائٽ جو مڪمل ڪنٽرول پاڪستان سنڀالي ورتو. ملڪ صدر ممنون حسين ۽ نگران وزير اعظم ناصر الملڪ سپارڪو جي انجنيئرن ۽ سائسندانن کي اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون. ٻنهي اڳواڻن پيغام ۾ چيو ته اهو اهم سنگ ميل ملڪ جي 71هين جشن آزادي تي حاصل ڪيو ويو. ملڪ جي صدر ۽ نگران وزير اعظم جو چوڻ هو ته سيٽلائٽ کي خلا ۾ موڪلڻ ۽ فعال بنائڻ خلائي انجنيئرن جي اعتماد ۾ اضافو ڪندو، اِها سيٽلائٽ سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ ان اهم سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ تي پاڪستنا قوم کي فخر آهي.