لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جو نالي وارو اداڪار نيڪال ذوالفقار تمام جلد سلور اسڪرين تي پنهنجا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو ڪامياب ڊرامي ديار دل ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ هن هدايتڪار جمال شيخ جي فلم ۾ جاويد شيخ جاويد بشير ثنا سرفراز سلمان حيدر ساره سرفراز ۽ ٻين سان ڪم ڪندو هن جي گڏيل پراڊيڪشن به ڪندو ان حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها هڪ رومانوي ۽ ڪاميٽي فئملي انٽرٽيمينٽ فلم آهي مان هڪ سپر ماڊل جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان سواءِ فلم ۾ ٻيا ڪردار به موجود آهن ان ڳالهائندي پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ٻڌايو ته منهنجو ڪردار هڪ ڪيريئر تي فوڪس ڪندڙ ڇوڪري جو آهي جنهن جي فئملي ۾ ڪجهه مسئلا آهن ۽ انهن جي سوچ ان وقت تبديل ٿئي ٿي جڏهن ان کي فئملي جي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. فلم اي دل ميري چل ري جي شوٽنگ اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪئي ويندي جنهن جي ڪهاڻي اويس حسين ۽ سلمان حيدر لکي آهي.