ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته پاڪستان جي قيام، تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي ۾ سمورين ڪميونٽيز جو ڪردار اهم آهي، خاص طور تي عيسائي ڪميونٽي جا ماڻهو تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ نيو ايپوٽولڪ چرچ جي رورنڊ جان قادر جي سربراهي ۾ 3 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ جاري صورتحال معاشي ترقي ۾ ڪميونٽي جي ڪردار ۽ بهتري لاءِ کينل حڪومتي قدم، امن امان جي قيام ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ نجي سيڪٽرن جي فعال ڪردار سان روزگار ۾ واڌ عيسائي ڪميونٽي جي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، گورنر چيو ته امن امان جي قيام کانپوءِ وفاقي حڪومت معاشي خوشحالي جي روڊ ميپ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، صوبي جي ترقي ۾ وزيراعظم پاڪستان خاص دلچسپي رکي ٿو، ان ڏس ۾ صوبي جي ڪيترن ئي دورن دوران وزيراعظم جيڪب آباد، ٺٽو ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ فنڊ جاري ڪيا، ڪراچي لاءِ پيڪيج رکيو ويو آهي، گورنر عيسائي ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته خوشحالي ۽ ترقي جي سفر ۾ عيسائي ڪميونٽي جو خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، جان قادر گورنر کي ٻڌايو ته عيسائي ڪميونٽي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، هر هڪ جي خواهش آهي ته پاڪستان عالمي معاشي نقشي تي واضح جاءِ حاصل ڪري، هن عيسائي ڪميونٽي جا مسئلا تفصيل سان ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ خاطري ڪرائڻ تي گورنر جا ٿورا مڃيا.