پاڪستان جي عوام ڪشميرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستاني عوام ڪشميرين جي جائز جدوجهد ۾ کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي.ڀارتي قيادت آر ايس ايس جي فاشسٽ نظرئي کي اڳيان کڻي هلي رهي آهي. عمران خان دنيا جي آڏو ڀرپور طريقي سان ڪشمير جي مسئلي کي اٿاريو آهي.ڪشمير جي ڪاري جي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ فردوس عاشق اعواڻ مظلوم ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي زندگي ڀارتي بربريت ۽ ظلمن سان ڀريل هڪ ڪهاڻي آهي.ظالم ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد جڏهن ته هزارين عورتن جي عزت لٽي وئي. آرٽيڪل 370 ۽ 35 جي رد ٿيڻ کان پوءِ مودي حڪومت ظلمن ۾ اڳيان نڪري وئي آهي. 5 اگسٽ کان پوءِ 80 لک ڪشميري وادي ۾ محدود آهن.مواصلاتي رابطو مڪمل طور تي ڪاٽا ٿيڻ جي باوجود اتي ڀارتي ظلم ۽ جبر جون خبرون ملي رهيون آهن. ڀارتي قيادت آر ايس ايس جي فاشسٽ نظرئي کي اڳيان کڻي هلي رهي آهي.فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ عالمي برادري سان خطاب ۾ گڏيل قومن ۽ عالمي اڳواڻن کي والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *