پاڪستان جي سياست اندر هڪ ٻئي جا ترا ڪڍندڙ پارٽيون .!!

February 28, 2017 at 5:48 pm

غلام مصطفيٰ جمالي
پاناما کيس جو فيصلو پاڪستان سپريم ڪورٽ جي جج صاحبن محفوظ ڪري ورتو آهي،ان ڏينهن کان وٺِي پرنٽ توڙي الڪيٽرونڪ ميڊيا جي ماحول وڃي ڪجهه شانتي آئي آهي،پر ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا ته اڃان به پاناما ليڪس معاملي کي وٺِي ڪري بحث مباحثا هلندڙ آهن،هڪ طرف پاناما لڪيس معاملي کي وٺِي ڪري اهڙو ماحول پيدا ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستاني جي سياسي اندر پراڻن سياسي ليڊرن جا هڪ پارٽِي مان ٻئي پارٽِي ڏانهن يو ٽرن ٿيڻ وارو ماحول به واَضع ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي پراڻن سياسي ليڊرن لي پرچائڻ لاءِ وٺِي محنت ڪري رهي آهي،عرمان مرووت جي ڳالهه کي وٺِي ڪري ايتري حد تائين جو آصف زرداري پنهنجي ٻارن کي به ناراض ڪري ورتو آهي،جيتوڻيڪ آصف علي زرداري هاڻ انهي ڳالهه ٿان پري ويو آهي پر جيڪڏهن سندس ٻار انهي عرفات مرورت واري ڳالهه تان ناراض نه ٿين ها ته عرفات مروت هي هن وقت پ پ ۾ شموليت ٿي وڃِي ها،،برحال اهو معاملو پارٽِين ۾ ٿيندو رهندو آهي،شايد آصف پنهنجي ٻارن کي پرچائي وٺي ۽ عرفان مرووت جي پ پ ۾ شموليت ٿي به وڃي،،ان کان اعلاا به ٽي اهڙا نالا سامهون آيا آهن جيڪي حيرت ۾ وجهندڙ آهن ته ڇا اهي ٽئي نالا پ پ ۾ ايندا جن ۾ پهريون نالو شاهه محمود قريشي جو آهي جيڪو هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ شاهه محمود قريشي پاران به اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن مان اهو يقين سان چئجي ته هو تحريڪ انصاف ڇڏي ڪري پ پ ۾ ايندو،جڏهن ته ٻيو نالو فيصل رضا عابدي جو آهي جيڪو پڻ هن وقت پ پ کان ناراض آهي،پر ٽيون نالو جيڪو ذهن ۾ ايندي ئي هڪ عجب طاري ٿي ويندو آهي ته ڇا واقعي ائين ٿيندو..اهو نالو بدين سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو آهي،جيڪو پ پ کان هن وقت سخت ناراض آهي برحال وقت ايترو پري ناهي بس ٿورو انتظار ئي ڪرڻو آهي پاڻهي اچي ڪارا ڃڙي پوندا،پر جيڪڏهن پاڪستان ۾ جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪبو ته توهانجي خيال ۾ ٻن مشهور جماعتن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز کانپوءِ ٽين وڏي سياسي قوت يا آپشن ڪهڙي جماعت ٿي سگهي ٿي جماعت اسلامي، متحده قومي موومنٽ يا وري تحريڪ انصاف، عمران خان بهترين رانديگر ۽ مشهور فلاحي ڪارڪن طور مقبول آهي. عمران خان جتي به وڃي هتي ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، ماڻهو کيس سر اکين تي ويهاريندا آهن ۽ سندس ڳالهيون غور سان ٻڌندا آهن. پر عمران خان انهيءَ اهميت کي پنهنجي سياسي حمايت سمجهي رهيو آهي. سياست جو مثال انهيءَ وياڪل اٺ وانگر آهي جنهن جي آخري وقت تائين خبر ناهي ته اُهو ڪهڙي پاسي ويهندو  مون جنهن سان به ذڪر ڪريان ٿو اُهو ٻن مشهور سياسي جماعتن جا مسئلا نبيرڻ ۾ ناڪامي تي لعنت ملامت ڪري ٿو پر انهيءَ ٻڏتر جو شڪار پڻ آهي ته ٽين آپشن جي غير موجودگي ۾ ڪنهن کي ووٽ ڏيندو مذهبي جماعتن جو مصروف ووٽ بئنڪ آهي جيڪو هنن کي سواءِ نائين اليون کانپوءِ ٿورو يا وڌيڪ ملي ٿو پر اصل مسئلو ٻڏتر ۽ مايوسي جو شڪار ووٽرن جو آهي جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه ٿا اچن. سوال اِهو آهي ته ڇا عمران خان هنن ووٽرن کي ڪيش ڪري سگهندو تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته 15 سالن جي اپوزيشن کيس لائق بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته پيرسن نوجوان ۽ ٻارڙا پاڻ هن وٽ اچي ڪري حمايت ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا. عمران خان جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته اِها حمايت عام چونڊن تائين سونامي جهڙي بڻجي ويندي. پر هن کان پهريان عمران خان ۽ سندس جماعت کي وڏا ڪم ڪرڻا پوندا، هن وقت عمران خان عوام جي نظرن ۾ سياسي جماعت کان وڌيڪ ”ون مين شو“ آهي. اهڙو ون مين شو جيڪو ٽي وي جي هر چئنل تي هر وقت توهانکي ڏيکاربو. اهڙي جماعت جنهن ۾ عمران ئي عمران آهي ٻيو ڪير به ناهي عمران خان جو چوڻ آهي ته عوام تائين پهچڻ لاءِ ٽي وي نهايت طاقتور ذريعو آهي پر عمران خان اِها ڳالهه تسليم نه ٿو ڪري ته ٽي وي تي وڌيڪ ڏيکارجڻ نقصانڪار پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته سڀ کان وڏو مسئلو اِهو آهي ته ٽي وي وارا شيخ رشيد وانگر هن کان علاوه سندس جماعت جي ڪنهن به ڪارڪن کي گهرائڻ لاءِ تيار نه آهن ادا توهان ئي خيال ڪريو، شايد توهانجي غير موجودگي ۾ ڪنهن ٻئي کي اچڻ جي دعوت ڏين جيستائين هڪ ايڪٽيو ٽيم ٺاهڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان موجب چڱا، ايماندار ۽ باڪردار ماڻهو ڳولڻ ۾ دير ٿيندي آهي پر آئون اهڙا ماڻهو آڻيندس جيڪي هن ملڪ کي اقتصادي بحران جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن عمران خان لاءِ اِهو ٽاسڪ جلدي پورو ٿيڻ لازمي ۽ فائديمند آهي تحريڪ انصاف لاءِ ڪهڙي ايشو لاءِ ايندڙ چونڊون وڙهڻ فائديمند ثابت ٿيندو؟ اِهو اهم سوال ڪاميابي ۽ شڪست ۾ اهم ڪردار نڀائيندو. عمران خان سمجهي ٿو ته اِهو موضوع بي ايماني هئڻ گهرجي. پر شايد مون جهڙن ماڻهن جي خيال ۾ امن عامه جي بحالي ۽ دهشتگردي جو انت لازمي آهي. ڪجهه ماڻهو هن کي آني ۽ ڪڪڙ واري بحث ڄاڻايو آهي پر منهنجي لاءِ امن جو قيام ضروري آهي جنهن کانپوءِ بي ايماني واري اهم اقتصادي مسئلي بابت سوچ ويچار ڪري سگهجي ٿو هينئر تائين اليڪشنز ۾ وقت آهي شايد انڪري ڪنهن به سياسي جماعت کي اليڪشن جي تياري جي تڪڙ نه آهي. توڙي هن وقت ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن اهڙي عمل مان گذري رهيو آهي جنهن جو ايندڙ چونڊن تي اثر پئجي سگهن ٿا. اِهو ڪم ووٽرن جي لسٽن جي تصديق ڪرڻ آهي سڀنيءَ کي خبر آهي ته تحريڪ انصاف جو اصل اثاثو نوجوان نسل ثابت ٿي سگهي ٿو. پر ڇا تحريڪ انصاف پنهنجي فيس بُڪ ۽ ٽوئٽر سان چمبڙيل نوجوانن کي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي؟ شايد نه. عام چونڊون ماسي جو گهر نه آهن. هوم ورڪ جي ضرورت آهي جنهن کان هر سياسي جماعت لنوائي ٿي. تحريڪ انصاف پاڻ کي ٻين جماعتن کان ڌار پارٽي قرار ڏنو آهي. تحريڪ انصاف کي ٽي وي تي بحث ڪرڻ سان گڏ عملي ڪارروايون پڻ ڪرڻ گهرجن

اي پيپر