پاڪستان جي سوچ، نظريو ۽ مفاد سڀني شين تي اوليت رکن ٿا: شاهه محمود قريشي

لنڊن: (م ڊ) ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پشتون باوقار ۽ حب الوطني سان سرچشار قوم آهي، پاڪستان جو نظريو، سوچ ۽ مفاد سڀني شين تي اهميت رکي ٿي، ٻڌي هوندي ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ به ناڪام ٿيندا.لنڊن ۾ پشتون سوسائٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  پشتون باوقار ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار آهن، 1948ع کان هن وقت تائين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو ۽ سهڪار سان پاڪ فوج دهشتگردي جو خاتمو ڪيو جنهن جو اعتراف اڄ دنيا ڪري رهي آهي.  هن چيو ته توهان حب الوطني جو جيڪو ٻج پوکيو ثمر سڀ کائيندا، ڏڦيڙ جو ٻج پوکيندڙ طاقتون ڪامياب نه ٿينديون، سمجهڻو پوندو ته ڪجهه ماڻهو مخصوص سوچ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته يورپي يونين ۾ به خاص سوچ کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪير ڪري رهيو آهي، مقصد ڪهڙا آهن، سوالن جي تهه تائين وڃڻو پوندو.  شاهه محمود قريشي چيو ته سوالن جي تهه تائين پهچي وياسين ته دشمنن جا ارادا خاڪ ٿي ويندا ۽ سندن ارادا وائکا ٿي ويندا،  پاڪستان جي دشمن طاقتن ڏڦيڙ جو ٻج پوکيو ۽ نفرت کي هوا ڏني،  باخبر رهڻ اسان جو فرض آهي، پاڪستاني مفادن جو تحفظ عزيز آهي.هن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان وابستگي جمهوري حق آهي،  پاڪستان جو نظريو، سوچ ۽ مفاد سڀني شين تي اوليت رکن ٿا،  ٻڌي هوندي ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ به ناڪام ٿيندا،  پرڏيهه ملڪ پاڪستانين تي معيشت جو دارو مدار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *