اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان سمورن سفارتخانن کي هفتيوار بنياد تي واسطيدار حڪومتن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڪشيمر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڪشمير جو مسئلو او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي آهي، جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نه ٿي سگهندو، خميس تي سينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيٽر طاهر حسين مشهدي جي ڌيان ڇڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته سمورن پاڪستاني سفارتخانن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي هفتيوار بنياد تي واسطيدار حڪومتن کي والاريل ڪشمير ۾انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجا بيان سوشل ميڊيا ۽ پريس بريفنگ دوران ڀارتي ظلم جي حوالي سان تفصيل سان آگاهه ڪري ٿو، هن چيو ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ پرڏيهي شخصيتن کي به ڄمون ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو، اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم جي جنرل سيڪريٽري به پاڪستان جو دورو ڪيو، هن ٻڌايو ته ڪشمير مسئلو او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي آهي ۽ جيستائين ڪشمير مسئلو حل نٿو ٿئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، ان کانسواءِ او آءِ سي جي 9 ميمبرن تي ٻڌل وفد به آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو، ان حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي پر ڀارت ان وفد کي دوري جي اجازت نه ڏني، ناروي جي اڳوڻي وزيراعظم به پنهنجي دوري دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. جيڪڏهن پاڪستاني مشن کان به درخوست ڪئي وڃي ته هو به ممڪنا قانوني مدد فراهم ڪندو، سوالن جي وقفي دوران وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ چيو ته زرعي ترقي لاءِ فنڊن کي وڌائڻ کانسواءِ پيداوار ۾ واڌ نه ٿي سگهندي، صوبن کي به ان سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، 18 هين ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت وٽ زرعي شعبي جي وسيلن ۾ کوٽ ٿي آهي ان سان جاچ وارن وسيلن ۾ کوٽ آئي آهي، صوبن وٽ به اها صورتحال آهي، زرعي شعبي تي گهٽ پيسو خرچ ڪرڻ سبب پيداوار متاثر ٿي آهي ان لاءِ فنڊن ۾ واڌ جي ضرورت آهي.