اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سر زمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي پاڪستان خطي جي ڪنهن تڪرار جو حصو بڻجندو.سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آمريڪا ايران ڇڪتاڻ بابت بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 27 ڊسمبر تي هڪ راڪيٽ حملي جي ذريعي عراق ۾ آمريڪي قافلي تي حلو ٿيو ۽ ان ۾ هڪ آمريڪي ڪانٽريڪٽر مارجي ويو ۽ ٻيا زخمي ٿيا.هن چيو ته 29 ڊسمبر تي ان حملي جي رد عمل جي نتيجي ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ ان ۾ مليشيا جا 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿيا.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي حملي جواب ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ 31 ڊسمبر تي بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سامهون احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا جنهن ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي.شاهه محمود قريشي چيو ته خوش قسمتي سان آمريڪي سفارتخاني کي بروقت خالي ڪرايو ويو هو ته ڪا فوتگي رپورٽ نه ٿي.هن چيو ته آمريڪا پهرين جنوري 2020تي ان احتجاج جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو پر ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني، جنهن کي بعد ۾ نشانو بڻايو ويو، ان کي ان جو ماسٽر مائنڊ قرار ڏنو ويو هو.شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده حالتن ۾ نئين دٻاءُ کي جنم ڏنو جيڪو اسامه بن لادن ۽ ابو بڪر البغدادري جي واقعن مان وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو.پرڏيهي وزير چيو ته 3 جنوري تي هڪ ڊرون جي ذريعي قاسم سليماني کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هو لاڏاڻو ڪري وويو ان سان گڏوگڏ عراق جي مليشيا جي ڊپٽي ڪمانڊر ابو المهدي المهندس ۽ ٻيا 9 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.هن ان واقعي کي خطي تي نظر رکندڙ ماهر نه رڳو ڳڻتي جوڳو چون ٿا پر چون ٿا ته اهميت جي لحاظ سان ان انهن جي نظر ۾ ان واقعي جا اثر 2011ع جي آپريشن ۾ اسامه بن لادن کي نشانو بڻائڻ ۽ 2019ع ۾ داعش جي سربراهه ابو بڪر البغدادي کان به وڌيڪ گهرا، سنگين ۽ ڳڻتي جوڳا ٿي سگهن ٿا.شاهه محمود قريشي چيو ته قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ ايران ۽ عراق ۾ احتجاجي ڪيفيت جنم ورتو پر روڊن تي اچي ويا ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جيڪو اڄ به جاري آهي.پرڏيهي وزير احتجاجي ڪيفيت کي ڏسندي ايران جي قيادت سيڪيورٽي ڪونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ان سان گڏوگڏ عراق ۾ به ان جي خلاف عوامي رد عمل سامهون آيو ۽ جڏهن 2 ڏينهن اڳ قاسم سليماني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي ته ماڻهن جي وڏي انگ مان اندازو لڳايو ته رد عمل جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي.هن چيو ته عراق جي پارليامينٽ جو هنگامي اجلاس گذريل ڏينهن طلب ٿيو ۽ ان اجلاس ۾ پوري صورتحال تي نظر وجهڻ کان پوءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته سمورن پرڏيهي فوجين کي ملڪ ڇڏڻ گهرجي ۽ پرڏيهي وزير کي هدايت ڪئي وئي ته آمريڪي هوائي حملو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي آهي ان ڪري گڏيل قومن ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو وڃي.شاهه محمود قريشي اِها صورتحال جيڪا هاڻ اُڀري رهي آهي ان کي ڏسندي پاڪستان جي حڪومت 3 جنوري تي پنهنجو نقطو پيش ڪيو.