اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان پهرين پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. آصف زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس طلب ڪيو، هن سمورن پارٽي ميمبرن کي گڏيل اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ذريعن موجب پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان گڏيل اجلاس جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. پارليماني پارٽي جي اجلاس بعد پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته آصف زرداري گڏيل اجلاس 2 ڏينهن تائين جاري رکندو. خورشيد شاهه چيو ته شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري گڏيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري اڄ پرڏيهي سفيرن سان اهم ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري رڳو حڪومت جي ناهي پر اسان جي به ذميواري آهي، هن وڌيڪ چيو ته پارليماني پارٽين جا اڳواڻ ڳالهيون ڪندا. خورشيد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن پارليماني سربراهن جي اجلاس ۾ وزير اعظم طرفان شرڪت نه ڪرڻ افسوس جوڳو آهي.