جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) پاڪستان جي جشن آزادي جي سلسلي ۾ جيڪب آباد ۾ ريليون، تقريبون، آتشبازي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون. جيڪب آباد ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ بحريه ڪاليج ۾ مرڪزي آزادي پروگرام جو افتتاح ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊي سي جيڪب آباد عمران علي ۽ ايس ايس پي شوڪت علي کٽياڻ پاڪستاني قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڪيو. انهيءَ موقعي تي مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا. ۽ 14 آگسٽ جي حوالي سان تقريرون، قومي گيت ۽ لوڪ رقص ڪيا. جڏهن ته ڊي سي عمران علي خطاب ڪندي چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي اسان کي ان جي قدر ڪرڻ کپي. پاڪستان اسانجو پيارو ملڪ آهي انهيءِ لاءِ اسانکي ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي باءِ پاس گذريل رات جشن آزادي جي حوالي سان ڪيفي ايڪوا ۾ آغا محسن پٺاڻ ۽ سچانند پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ قومي تراني کانپوءِ آتش بازي ڪئي وئي ۽ محفل موسيقي ۾ امداد لاشاري، راجه غلام علي پيچوهو قومي گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو. جڏهن ته ڊي سي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي راز خان پٺاڻ پاران آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. هوڏانهن سني پارٽي پاڪستان پاران عبدالخالق قادري جي قيادت ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته بلڊنگس اسٽاف ڪوارٽر ڪالوني ۾ تاج ويلفيئر پاران هڪ رنگا رنگي پروگرام پڻ ڪيو ويو. جنهن جي صدارت حاجي غلام نبي رند، محمد حنيف پنهور، آغا محمد يونس رند، حافظ الله بخش سومرو، احمد نواز رند ڪئي. پروگرام جي افتتاح قران پاڪ جي تلاوت سان شروع ڪئي وئي جنهن کانپوءِ پرل ويلي اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪنزه ربنواز رند نعت پڙهي. جڏهن ته ٽيبلوز ۾ شيروز ربنواز رند، سارنگ خان رند، ميروز ربنواز رند، شاهه زمان چانڊيو، فرحان ڪورائي، عبدالرحمان ڪورائي ٽيبلوز ۽ تقريرون پڻ پيش ڪيون. انهي موقعي پروگرام ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي آزادي جي موقعي تي اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اڄ کانپوءِ اسانکي هڪ ٻئي جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ کپي. ۽ اسانکي عهد ڪرڻ کپي ته پاڪ فوج سان گڏوگڏ هلڻ کپي ۽ انهن جي هر ان قدم جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪ فوج زنده آهي ته اسانجي ملڪ کي ڪير به ميري اک سان نه ڏسي سگهندو. آخر ۾ ملڪ جي خوشحالي لاءِ پڻ خصوصي دعائون گهريون ويون.