اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيروبجلي جي پيداوار 18 هزار جي سطح کان وڌي وئي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته بجلي جي پيداوار رڪارڊ 18 هزار 2 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته هن وت ملڪ ۾ بجلي جي گھرج 18 هزار 900 ٻه ميگا واٽ آهي، اسان پاڪستان کي لوڊ شيڊنگ فري ملڪ بڻائينداسين، اسان 18 هزار ميگاواٽ جو ريڪارڊ مصروف وقت ۾ پار ڪيو، ۽ هن کي پار ڪرڻ تي پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي ٽيم جنهن ۾ عابدشير علي ۽ پاڻي بجلي جي سيڪريٽري مبارڪ جا حقدار آهن، مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ساهيوال پاور پلانٽ جو ٻيو يونٽ بجلي جي پيداوار شروع ڪئي آهي، نئين يونٽ سان هڪ سئو 68 ڪلاڪن لاءِ پوري گنجائش سان 660 ميگا واٽ جڏهن ته اڄ کان ساهيوال پلانٽ مان مڪمل طور تي 1320 واٽ بجلي جي پيداوار شروع ڪئي آهي، ۽ اهو الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ۽ حڪومت جي تاريخي ڪاميابي آهي، ان لاءِ قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو.