پاڪستان جي افغانستان بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي افغانستان بابت پاليسين ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان سمورن افغان شهرين کي مفت ويزا ڏني ويندي ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني مشن روزاني بنيادن تي اٽڪل 3820 ويزائون جاري ڪندا آهن، اهو انگ افغان شهرين کي ڪنهن به ملڪ طرفان جاري ڪيل ويزائن مان سڀ کان وڌيڪ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *