پاڪستان جو ڀارت کي سرپرائز، ٻه جنگي جهاز تباهه، 2 پائليٽ گرفتار

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستاني هوائي فوج جي جنگي جهازن ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيندي ٻه جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻن پائليٽ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ڀارت کي جواب ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارتي جهازن اڄ صبح ڪنٽرول لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي پاڪ هوائي فوج  جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن ڀارتي جنگي جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ٻنهي ڀارتي جهازن کي پاڪستاني هوائي حدن ۾ نشانو بڻايو ويو، هڪ ڀارتي جهاز آزاد ڪشمير ۽ ٻيو والاريل ڪشمير جي حدن ۾ ڪريو.  پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو ته زمين تي موجود اهلڪارن ٻن ڀارتي پائليٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻه علائقي ۾ ئي موجود آهن.  ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني جنگي جهازن ڄمون ڪشمير جي ضلعي راجوڙي ۾ نوشهرا سيڪٽر ويجهو ٻه ڀارتي جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ جنگي جهازن ۾ سوار ٻه پائيلٽ مارجي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستاني جهازن تي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيو پيو وڃي. پاڪستان جي جوابي ڪارروائي بعد، سرينگر، ڄمون ۽ لها هوائي اڏن تي ايمرجنسي لاڳو ڪندي سويلين ايئر ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته ٽي پاڪستاني جنگي جهاز والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *