پاڪستان جو فوجي صنعتي بيس انڊيا کان بهتر آهي: ڀارتي جنرل

نئين دهلي (م ڊ): ڀارتي فوج جي وائيس چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سارٿ چند انڊين آرڊيننس فيڪٽري جي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشناو بڻائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي فوجي صنعتي بيس ڀارت کان بهتر آهي، ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ مطابق ڀارتي آرمي جنرل جو چوڻ هو ته دفاعي پيداوار جي حوالي سان پاڪستان وٽ اسان جي ملڪ کان بهتر صنعتي بيس موجود آهن، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان، ڀارت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ دفاعي اوزار برآمد ڪندو آهي، انڊين آرمي ايبنڊ ڪونفيڊريشن آف انڊين انسٽري طرفان منعقد ڪيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس اي ايم آءِ سي او اين 2017 جي تقريب رونمائي جي موقعي تي ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل سارٿ چند ڀارتي آرڊيننس فيڪٽري کي پنهنجي ٽيڪنالاجي تبديل نه ڪرڻ جڏهن ته ريسرچ ۽ تعمير جي حوالي سان قدم نه کڻڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو، ڀارتي اخبار مطابق سندس مڃڻ هيو ته فيڪٽري جي خراب ڪارڪردگي احتساب جي کوٽ سبب آهي، هن چيو ته اهو مشڪل ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته آرڊيننس فيڪٽري جي موجوده حالت ۾ تبديلي ٿي هجي، مجموعي طور تي اهو دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ نامڪمل طريقيڪار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *