اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب معيشت تباهه ٿي رهي آهي جڏهن ته حڪومت هاڻ غريب مزدورن کان ماني جو گرهه به ڦري ورتو آهي.بلاول ڀٽو زرداري پهرين مئي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته/
پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ قربانيون ڏيندڙ مزدورن کي سلام پيش ڪريان ٿو. جڏهن ته پاڪستان جا مزدور اڄ به پنهنجي بنيادي ۽ جائز حقن کان محروم آهن. مزدورن جي حقن تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ جي دور ۾ مزدورن جي حقن تي راتاهو هنيو پيو وڃي. جڏهن ته موجوده حڪومت مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. اڄوڪن حڪمرانن مهانگائي آسمان تي پهچائي غريب مزدورن کان ماني جو گرهه به کسي ورتو آهي.بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت جي ناڪام پاليسين معيشت کي دفن ڪري رهيون آهن ۽ اهڙي حالتن ۾ صرف پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي سنڀالي سگهي ٿي. ڇو ته پيپلز پارٽي مزدورن جي مفادن کي برقرار رکندي کين اڳيان کڻي هلندي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو 1973جو آئين مزدورن کي منصفاڻو اجورو، ان جي حفاظت ۽ سندن حقن جي حاصلات جي ضمانت ڏيندو آهي. پيپلز پارٽي جي نظريي جي بنياد به مزدور دوستي ۽ جمهوريت ئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي دور ۾ حڪومت دوران ملڪ ۾ پهريون دفعو مزدور پاليسي جوڙي ۽ ملڪ ۾ ٽريڊ يونين جا حق متعارف ڪرايا.مزدورن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت بينظيرايمپلائيز اسٽڪ آپشن اسڪيم جي شروعات ڪئي. جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان گڏيل ليبر پاليسي جي شروعات وڏو بريڪ ٿرو آهي ۽ ليبر پاليسي جي شروعات ڪرڻ سان ڪاروباري ادارن ۽ ان جي ملازمن کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته اڃان به مزدورن جي لاءِ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. جڏهن ته مزدورن جا ٻيا مسئلا به حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اڄ جي ڏينهن تي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته مزدورن کي پيش ايندڙ پريشانين ۽ چيلنجن کي حوصلي سان منهن ڏيڻو پوندو.