اسلام آباد( بيورو ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته برڪس پڌرنامي جي ذميوارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته برڪس جو آخري اجلاس چين ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو پر اسان جا سفارتڪار ستل رهيا، برڪس پڌرنامي جي ذميوارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جا دوست گهٽ ۽ دشمن وڌيڪ آهن، دنيا کي چوان ٿو ته پاڪستان جي عزت ڪيو، 17 تاريخ تي ڊرون حملو ٿيو پر ڪنهن به مذمت نه ڪئي. آمريڪي ڊرون حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ان حوالي سان پارليامينٽ جو موقف واضح رهيو آهي.هن چيو ته جنهن ڏينهن ڊرون حملو ٿيو تنهن ڏينهن وزيراعظم آمريڪي سفير سان ملاقات ڪئي جيڪڏهن وزيراعظم ملڪ ۾ هجي ها ته اسيمبليءَ ۾ آواز اٿارڻ بدران کائنس پڇاڻو ڪيو وڃي ها. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سفارتڪاري 24 ڪلاڪن جي نوڪري آهي،اسان جا دشمن هڪ سال کان پاڪستان جي مخالفت ۾ لڳل آهن ته اسان جا سفارتڪار ڪهڙي مرض جي دوا آهن. چوڌري نثار چيو ته برما ۾ ساڍا 4 لک مسلمانن کي جانورن وانگر ذبح ڪيو ويو، برمي حڪومت مسلمانن جي رتوڇاڻ ۾ مڪمل طور ملوث آهي، برما جي مظلومن سان ٺهراءَ سان گڏ عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني حقن جا ڪرتا ڌرتا ڪتي جي مرڻ تي ته ماتم ڪن ٿا پر روهنگيا مسلمانن جي قتل عام تي خاموش آهن، حڪومت روهنگيا مسلمانن جي مدد لاءِ فنڊ کولي ۽ شروعات پارليامينٽ ميمبر ڪن، ٺهرائن سان روهنگيا مسلمانن جو مسئلو حل نه ٿيندو، پارلياماني ڪميٽي بنگلاديش موڪلي وڃي.