پاڪستان جا افغانستان ۾ پنهنجي قومي سلامتي جي حوالي سان جائز حدف آهن: آمريڪا جو اعتراف

November 11, 2017 at 6:10 am

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا چيو آهي ته صدر ٽرمپ پاڪستان مان دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪرڻ لاءِ واضح قدم کڻڻ لاءِ چيو آهي ته پر نئين افغان حڪمت عملي مان واضح نٿو ٿئي ته اسان پاڪستان کي ان جي قومي سلامتي بابت ترجيحون تبديل ڪرڻ تي ڪيئن مجبور ڪنداسين، ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي آزادي لاءِ پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پاڪستان کي خبر آهي ته آمريڪا افغانستان مان نه پيو وڃي، اسان طالبان کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون ، اسان اها ڳالهه تسليم ڪريون ٿا ته پاڪستان جا افغانستان ۾ پنهنجي قومي سلامتي جي حوالي سان جائز حدف آهن اسان جو موقف آهي ته اهي حدف حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو ڳالهيون آهن ۽ طالبان تي دٻاءُ وجهڻ ته ڳالهين جي ميز تي اچڻ جو وقت اچي ويو آهي، دهشتگرد گروهن ذريعي اڄوڪي دنيا ۾ دفاعي حدف حاصل نٿا ڪري سگهجن، پاڪستان ۾ معاشرو تبديل ٿي رهيو آهي، ان مان ڪجهه منفي تبديلين تي حلقن ۾ خدشا آهن، دهشتگرد گروهه پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهي، اهو حقاني نيٽ ورڪ هجي يا جيش محمد يا لشڪر طيبه هجي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق سال ٻه هزار ارڙنهن لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بجيٽ تي بحث لاءِ سينِيٽ جي ٻن قائمه ڪميٽين جي گڏيل ٻڌڻي واشنگٽن ۾ ٿي جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن آمريڪا جي افغان پاليسي جي حوالي سان سوال عملدارن جي اڳيان رکيا، ٽرمپ انتظاميا پاران پاڪستان، افغانستان لاءِ بجيٽ جي مد ۾ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر رکيا ويا آهن جنهن ۾ افغانستان لاءِ اٽڪل 8 سئو ملين ڊالر رکيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪستان لاءِ اٽڪل 345 ملين ڊالر رکيا ويا آهن.

اي پيپر