ماسڪو (اين اين آءِ) روسي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان تي ضرورت کان وڌيڪ دٻاءُ وجھڻ سان خطي جي گڏيل صورتحال تي خراب اثر پوندا، چين کان پوءِ روس به امريڪي صدر جي الزامن جي خلاف پاڪستان جي همايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو، روسي صدر جي خاص نمائندي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جو ڪردار تمام اهم آهي. جڏهن ته خطي ۾ ڪنهن به قسم جو عدم استحڪام افغانستان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو، انکان اڳ امريڪي صدر جي بيان تي چين جي پرڏيهي وزارت چيو هو ته چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي کي بهترين دوست مڃن ٿا. ۽ هڪ ٻئي سان سفارتي معاشي ۽ سيڪيورٽي حوالي سان گھرا لاڳاپا آهن. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر محاذ تي ڄميل آهي. جنهن ۾ هن بيشمار قربانيون ڏنيون، ياد رهي ته صدر ٽرمپ افغانستان لاءِ امريڪي پاليسي ۾ پاڪستان بابت پاليسي بيان ڪندي الزام هنيو هيو ته پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي.