پاڪستان تي رهيل قرض هلندڙ مالي سال جي آخر ۾ 79 ارب ڊالر ٿي ويندو:موڊيز

ڪراچي (اين اين آءِ) عالمي ريٽينگ ايجنسي موڊيز جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪ تي قرض ادا ڪرڻ ۾ 14 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ ٿي آهي ۽ هلندڙ سال جي آخر ۾ 79 ارب ڊآلر ٿي ويندا موڊيز موجب پاڪستان تي ڏيڻ هلندڙ مالي سال جي آخر ۾ 79 ارب ڊالر ٿي ويندو جيڪو ملڪ جي معيشت/ لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ملڪ جي معيشت جي جاري رپورٽ ۾ موڊيز جو چوڻ آهي ته قرضن ۾ واڌ ملڪي معاشي ڪمزوري جو سبب آهي موڊيز موجب مالي سال 2013 جي آخر ۾ پرڏيهي قرضن جو حجم 64 ارب 40 ڪروڙ ڊالر هو جي ڊي پي جي لحاظ کان ان جو تناسب 66.5 سيڪڙو ٿي ويو آهي ملڪ جي قانون ۾ ان کي 60 سيڪڙو تائين محدود رکڻو هوندو گذريل ڏينهن ريٽنگ ايجنسي موڊيز پاڪستاني معيشت جي ريٽنگ جاري ڪئي ۽ پاڪستان جي رينگرز کي موجوده پي-3 تي برقرار رکيو ويو آهي موڊيز جو چوڻ آهي ته بهتر شرح نمو مالياتي خسارو ۽ ناڻي ۾ کوٽ پاڪستان جي رينگرز کي برقرار رکڻ جو سبب بڻي آهي. موڊيز موجب ادارا حڪومتي قرض ۽ پرڏيهي کاتن جي دباءُ کي پاڪستاني معيشت لاءِ رسڪ قرار ڏنو آهي. پاڪستان ۾ جاري سياسي عدم استحڪام پاڪستاني معيشت لاءِ چئلينج آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *