ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي احتساب عدالت اڳيان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته هو چونڊون وقت سر ٿيندي ڏسي رهيو آهي.ممڪن آهي هڪ اڌ مهينو ملتوي ٿين پر چونڊون ضرور ٿينديون.هن چيو ته نواز شريف کي ڪجهه به ٿيندو پهريان به سمجهوتا ٿيا هئا ۽ هاڻي به ٿيندا.هن چيو ته مسلم ليگ ن وارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو ذميوار چوڌري نثار علي خان آهي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي به ٻين جهڙي آهي . هن چيو ته سياست ۾ ڪابه شيءِ حرف آخر نه هوندي آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحڙيڪ انصاف ۾ اتحاد ٿي سگهي ٿو .