پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي ڪچري تي سياست ڪرڻ بند ڪري: بئرسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪلين ڪراچي مهم جا پول پڌرا ڪيا. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪلين ڪراچي مهم تحت نالن مان ڪچرا ڪڍي سمنڊ جي ڪناري ڦٽو ڪرڻ متعلق ويڊيو ثبوت پيش ڪيا. هن پنهنجي بيان ۾ سنڌ حڪومت جو چوڻ هو ته سي ويو چائنه پورٽ ۽ آمريڪي قونصليٽ جي سامهون وڏي مقدار ۾ ڪچرو ڊمپ ڪيو پيو وڃي جيڪو نالن مان ڪڍي انهن علائقن ڦٽو ڪيو پيو وڃي. سي ويو ، آمريڪي قونصل خاني جي سامهون ۽ شهر جي ٻين جاين تي ڪچرو ڦٽي ڪرڻ سبب شهر ۾ مکيون ۽ مڇر پيدا ٿي رهيا آهن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته خدارا ڪراچي جي شهرين سان اهو ظلم ۽ ناانصافي بند ڪئي وڃي، نالن جي صفائي جي نالي تي چندو وصول ڪيو پيو وڃي، پر صفائي نه ٿيڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن وفاق کي ڪراچي جو درد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن فنڊن جو استعمال ڪري، هي ڪهڙي مهم آهي جنهن ۾ شهرين کان پئسا لٽيا پيا وڃن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته خدارا منفي سياست ختم ڪري ڪچرو ۽ نالن کي صاف ڪرڻ ۾ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جو ساٿ ڏيو. نالن جو ڪچرو سمنڊ ڪناري ڦٽو ڪرڻ سان شهر ۽ شهرين جي خدمت نه ٿي رهي آهي، پر الٽو انهن سان زيادتي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن جي خلاف نه آهيون پر شهر سان اها زيادتي نه ٿيڻ گهرجي،  اهو سٺو ٿئي ها ته سڀ گڏجي هن شهر مان گندگي ۽ ڪچرو صاف ڪن ها پر سنڌ حڪومت کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ ناسمجهه،  ڪوڙ ۽ الزام تراشي جي سياست جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪي پنهنجي غلط مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *