پاڪستان بچائڻ جي ڳالهه ٿي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو: آصف زرداري

لاهور (م ڊ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته جنهن کي جيترو قدر ۽ سمجهه هوندي آهي، ڏوهه به ان جو اوترو ئي وڏو هوندو آهي، جمهوريت ۾ اسان کان گناهه ٿيو ته ازالو تاريخ، الله ۽ ڀٽو جي سامهون ڪرڻو پوندو، لاهور ۾ يوم پاڪستان ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته دوستن کي ٻڌايو ته صدارتي اختيار پارليامينٽ کي ڏئي رهيا آهيون، دوستن چيو ته بي بي گڏ ناهي، سوچي وڌو، آصف زرداري چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن، تاريخدان لکندو رهندو آهي، پاڪستان بچائڻ جي ڳالهه ٿي ته اسان پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، پختونخواهه کي خيبر پختونخواهه بڻايو، ان تي به ماڻهن کي اعتراض ٿيو، بلوچستان کان معافي ورتي ته ماڻهن کي اعتراض ٿي ويو، ضياءَ الحق دنيا جي دٻاءَ تي بي بي کي آزاد ڪيو، اسان جا حڪمران پل، روڊ ۽ هر اها شئي ٺاهي رهيا آهن، جنهن سان فائدو، ڪميشن ملي رهيو آهي، صدام ۽ وڏن بادشاهن ۾ جيڪو غرور هيو، اهو اڄ اسان جي حڪمرانن ۾ آهي، اسان جا حڪمران قوم جي ڳالهه نٿا سمجهن، هي نٿا سوچين غريب جو ڇا ٿيندو، مزودر، هاري جو ڇا ٿيندو، آصف زرداري چيو ته انهن کي پاڻي جي پرواهه آهي نه ڪمند جي، انهن کي صرف مطلب آهي روڊن ۽ پلين تي ڪميشن ڪٿان ملڻو آهي، انهن کي قبر ۾ اهو کڻي وڃڻو آهي، اها انهن جي راهه آهي، اسان جي اها راهه ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *