پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت جاري رکندو: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت جاري رکندو، افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور جو دورو ڪيو، جتي آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال، بارڊر مينجمنٽ تي بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ضم ٿيل ضلعن ۾ ايف سي ۽ پوليس جو انگ وڌائڻ تي به بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي سرحد تي لڳايل ڪنڊيدار تار سميت بارڊر مينجمنٽ تي بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پشاور ڪور جي آفيسرن ۽ جوانن جي تعريف ڪئي، آرمي چيف ضم ٿيل ضلعن ۾ استحڪام تي ايف سي ۽ پوليس جي ڪاوشن کي ساراهيو.آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مقامي آبادي جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *