پاڪستان برڪس اجلاس جي پڌرائي کي رد ڪري ڇڏيو

 اسلام آباد(بيورو) پاڪستان برڪس اجلاس جي پڌرائي کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ هتي دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ناهن. قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خرم دستگيز چيو ته پاڪستان جا پنهنجا ۽ آمريڪا جا پنهنجا مفاد آهن، دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن. ٽرمپ جي بيان تي خطري جي گهنٽي وڄائي پئي وڃي، خرم دستگير چيو ته پاڪستان کي ڪنهن به ٻاهرين جارحيت جو خطرو ناهي، پاڪستان جون ٽئي هٿيار فوجون ملڪي دفاع تي مقرر آهن ۽ هر صورت ۾ وطن عزيز جو دفاع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 3 ڏينهن کان پوءِ پرڏيهي وزير خواجا آصف 4 اهم ملڪن جي دوري تي روانو ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *