اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت جي دوري تي آيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت بيان کي غير معمولي قرارڏيندي چيو آهي ته ان جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.اسلام آباد مان هڪ بيان جاري ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هندوتوا نظريي واري وڏي مجمعي آڏو اِهو بيان ڏنو ته پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا سٺا آهن.هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي هڪ مسئلو سمجهيو پيو ويو پر اڄ جيڪا خوشگوار تبديلي آئي آهي ان تي آئون سڄي قوم، پاڪستان جي فوج ۽ سياست قيادت کي واڌايون پيش ڪيان ٿو.پرڏيهي وزير چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ باور ڪرايو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ امن جو ڀائيوار آهي ۽ پاڪستان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي اُهو دنيا ۾ هڪ مثال آهي.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن استحڪام جي حوالي سان به پاڪستان جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي.هن چيو ته اُهو پاڪستان جنهن کي ڀارت هڪ مسئلو چوندو هو اڄ دنيا ان کي هڪ حل جي طور تي ڏسي رهي آهي ۽ خطي ۾ پاڪستان کي ساراهيو پيو وڃي.پرڏيهي وزير جي موجب ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو هن خطي ۾ امن ۽ مضبوطي چاهيون ٿا ۽ هن ڀارت سان تقاضا ڪئي آهي ته هو ان خطي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري.پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي صدر ڀارت کي چيو آهي ته هو امن ۽ استحڪام کي هٿي جي لاءِ هٿ وڌائڻ ۽ اِهو هن وقت ئي ممڪن هوندو جڏهن پراڻي مسئلي ڪشمير جو حل نڪرندو.شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير جي اهميت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ ڀارت جي موجوده حڪومت ان سنگين مسئلي کي وڌيڪ وچڙائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ واري قدم ڪشمير جي سڃاڻپ کي متاثر ڪري ان کي 2 حصن ۾ ورهائي ڇڏيو جڏهن ته 206 ڏينهن گذرڻ جي باوجود والاريل ڪشمي ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ ته انهن حالتن ۾ ڳالهه ڪيئن اڳتي وڌي