پاڪستان ايٽمي طاقت ۽ ملڪ جو بچاءِ مضبوط هٿن ۾ آهي : يوسف رضا گيلاني

ملتان (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت ۽ ملڪ جو بچاءَ مضبوط هٿن آهي ، گذريل ڏينهن هن ميڊِيا سان ڳالهائيندي چيو ته امريڪا کي پاڪستان قربانين جو احساس ڪرڻ گھرجي ، پيسو ڪجھه به هوندو آهي. ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي تذليل نه ٿيڻ گھرجي، غلط فهميون ختم ڪري سڀني ملڪن سان سٺا لاڳاپ رکڻ گھرجن، هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ هميشا پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. سلالا واقعي تي پاڪستان امريڪا سان سخت احتجاج ڪيو هو ۽ افٺغانستان کي سپلائي روڪي وئي هئي. اسان اوباما کي مطالبو ڪيو ته سلالا حملي تي پاڪستان کان معافي وٺي، جنهن تي اوباما معافي وٺڻ ۾ ست مهينا لڳائي رهيا، اسان ستن مهينن تائين سپلائي بند رکي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 2018 ۾ مونکي اليڪشن وڙهڻي آهي يا نه، ان جو فيصلو پارٽي ڪندي . پارٽِي جو چيرمين بلاول ڀٽو پارٽِي جي تنظِم سازي ۾ مصروف آهي ۽ جلدي ڏکن پنجاب جو دورو ڪندو، هن چيو ته اسانکي ادارن کي مضبوط ڪرڻ گھرجي ته جيئن هر ڪيس جي جي آئي ٽي ٺاهڻي نه پوي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *