پاڪستان ايران سان تاريخي لاڳاپن ۽ رابطن کي اهميت ڏيندو آهي: آرمي چيف
April 20, 2017 at 2:48 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ايران سان تاريخي لاڳاپن کي ڏاڍي اهميت ڏيندو آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير مهدي هنر دوست ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ملاقات ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف معاملا غور هيٺ آيا. جنرل قمر جاويد باجوه ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ايران تاريخي رابطن کي انتهائي اهميت حاصل آهي ۽ اهي رابطا باهمي احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم رهندا.