ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏيئ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته فائنل ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، پاڪستاني ٽيم چيميپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل مقابلي ۾ انگلينڊ کي 211 رنسن تي ڍير ڪري ڇڏيو آهي. ڪارڊف ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو ۽ سڄي انگلش ٽيم 49.5 اوورن ۾ 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انگلينڊ طرفان روٽ 46، بيئراسٽو 43، بين اسٽوڪس 34 ۽ ڪپتان اين مورگن 33 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جنيد خان ۽ رومان رئيس 2-2، جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ ورتي.27