پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو : خواجا آصف

September 7, 2017 at 9:27 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو): پرڏيهي معاملن واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. اسلام آباد ۾ پاڪستاني سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اسان لاڳيتو چئي رهيا آهيون ته افغان مسئلي جو حل فوجي طاقت سان ناهي بلڪ اهو مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ هاڻي افغان صدر اشرف غني طرفان ڳالهين جي ڳالهه پاڪستان جي موقف جي حمايت آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو معاملو هر سطح تي اٿارڻو پوندو ۽ پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو.

اي پيپر