اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪابه اڳڀرائي ڪئي وئي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارتي حڪومت جي شهريت جي تڪراري بل جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته امتيازي شهريت ايڪٽ جي خلاف 10 کان وڌيڪ ڀارتي رياستن ۾ سخت احتجاج ٿي رهيا آهن هندوستان جي پوري اپوزيشن خاص ڪري مسلمان بل جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي.پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ڪرفيو کي اڄ 139 ڏينهن گذري چڪا آهن صورتحال تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ هندستان ڪوبه فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو. لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جي طرفان ڪاررواين جو سلسلو جاري آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته مودي سرڪار خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي جنهن سان پوري خطي جو امن متاثر ٿي رهيو آهي. دنيا کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ گهرجي پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪابه حرڪت ڪئي وئي ته ان جو سخت جواب ملندو.