اسلام آباد (بيورو): پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا تاريخي، ثقافتي، مذهبي ۽ عوامي لاڳاپا آهن، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان افغان صحافين جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، دهشتگرد ٻنهي ملڪن جا گڏيل دشمن آهن، هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، دهشتگردي ٽوڙ بارڊر مئنيجمينٽ تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي صلاحڪار چيو ته دهشتگردن جي چرپر روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان افغانستان ۾ پرامن ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو.