پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام جي لاءِ ڪنهن به مڪينزم لاءِ تيار آهي: اعزاز چوڌري

واشنگٽن (اين اين آءِ) امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان افغانستان امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به مڪينزم لاِءِ تيار آهي، افغانستان پاران الزام تراشي جو سلسلو ختم ٿيڻ گھرجي، ٻنهي ملڪن کي دهشتگرديءَ جي صورت ۾ گڏيل دشمن کي شڪسٽ ڏيڻ لاِءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٿنڪ ٽينڪ انڊس جي اهتمام هيٺ ميڙ کي خطاب ۾ هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ پوري خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ اسان امن کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪنهن مڪينزم لاِءِ تيار آهيون، اسان افغانستان جي خلاف پنهنجي ڌرتي استعمال نه ڪرڻ جي پاڪستان جو عزم ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان جڙيل آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو سڀ کان وڏو فائدو پاڪستان کي پوندو. انهن ڳالهين ۾ ٻنهي سفارتڪارن پنهنجي ملڪ جي گڏيل مفادن تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي. ٻنهي سفارتڪارن جو ان ڳالهه تي اتفاق هيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ٻنهي ملڪن جي امن ۽ ترقي لاءِ اهميت وارو آهي. اهو امريڪا جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت وارو آهي. هن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته افغانستان ۾ جاري بحران پاڪستان ۽ افغانستان کان مٿانهون آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي بين الاقوامي رانديگر ۽ قوتون شامل آهن. هن پاڪستان۽ امريڪا جي پاليسي ءَ تي نظر ثاني بابت چيو ته اهو صرف پاڪستان سان تعلق نه آهي پر نئين انتظامي تبديلين سان امريڪي پرڏيهي کاتي جي معمول جي سرگرمي هوندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *