پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 15 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي

December 13, 2024 at 2:14 pm

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 15 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي.

ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 6 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.

6 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 15 هزار 172 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي……..

اي پيپر