پاڪستان اسلامي دنيا ۾ امن جي لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪندو رهندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستاني اسلامي دنيا ۽ عالمي امن جي مفاد ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪندو رهندو.وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي.وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ڪنهن نئين جنگ جو حصو نه بنجندو. جنگ خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ ناهي. وچ اوڀر ۾ امن سان خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي راهه هموار ٿيندي. ۽ پاڪستان اسلامي دنيا ۽ عالمي امن جي مفاد ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ايران، سعودي عرب ۽ آمريڪا جو دورو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل پرڏيهي وزيرن سان ملاقات جي هدايت ڏني آهي.خطي ۾ امن جو قيام ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ اسان جي متحرڪ سفارتڪاري ۽ عالمي دنيا ۾ ذميوار جمهوري رياست هجڻ جو ثبوت آهي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *