نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو آهي ته ڀارتي شهري ڊاڪٽر عظميٰ کي ڀارت واپس موڪلڻ ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت انساني بنيادن تي اسان جي گهڻي مدد ڪئي، ڪيس کي غير جانبداراڻي بنياد تي وڙهيو، جڏهن ته پاڪستان جي مدد بنا ڊاڪٽر عظميٰ جي گهر واپسي شايد ممڪن نه ٿئي ها، ڀارتي شهري عظميٰ جي نئين دهلي واپسي بعد ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ۽ پاڪستان ۾ ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران سشما سوراج جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ باوجود جنهن ريت پاڪستاني پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت انهن جي مدد ڪئي، ان لاءِ ٿورائتا آهيون، اڄ مون سک جو ساهه کنيو آهي ته منهنجي ڌيءَ واپس موٽي آئي آهي ۽ اها راحت اوهان کي منهنجي چهري تي به نظر اچي رهي هوندي، ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ڊاڪٽر عظميٰ جي پاڪستاني وڪيل بيرسٽر شاهه نواز نون ۽ جسٽس ڪياني جا به ٿورا مڃيا، سندس چوڻ هو ته بيرسٽر شاهنواز نون عظميٰ جو ڪيس بلڪل پنهنجي ڌيءَ وانگر وڙهيو ۽ جسٽس ڪياني ڪيس جو فيصلو حقيقتن ۽ انسانيت کي نظر ۾ رکندي ڪيو، جنهن لاءِ انهن جا ٿورائتا آهيون، سشما سوراج اسلام آباد ۾ ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه جا به ٿورا مڃيا.