پاڪستان آمريڪي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو

August 25, 2017 at 12:51 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ختم ٿي ويو، آمريڪي صدر افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ نئين پاليسي جي اعلان تي پاڪستان تي سخت الزام لڳايا هيا، جنهن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، ذريعن مطابق وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز ۽ قومي سلامتي بابت مشير شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ پرڏيهيوزير، ناڻي واري وزير، گهرو وزير سميت ٻيا عملدار به شريڪ ٿيا، ذريعن موجب اجلاس ۾ آمريڪي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آمريڪي پاليسي تي مجموعي طور تي پاڪستان جي حڪمت عملي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانين، سفارتي ڪوششن، پاڪ افغان سرحد کي موثر بڻائڻ جي قدمن ۽ افغان عمل جو حصو بڻجڻ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي پاليسي تي پاڪستان طرفان جامع حڪمت عملي ۽ تفصيلي جواب تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سفارتي آپشنز ۽ هيل تائين جي قدمن کي سامهون آڻڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جيڪي آپريشن ڪيا ويا ۽ جيڪي جاري آهن، انهن ۾ حاصل سمورين ڪاميابين کي به سامهون آندو ويندو، اجلاس ۾ آمريڪي پاليسي بعد دوست ملڪن سان موثر رابطي ڪرڻ لاءِ به جامع پلان بڻايو ويو ۽ سفارتي سطح تي دوست ملڪن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ پنهنجي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ناهي ٿيڻ ڏني، بريفنگ ۾ چيو ويو ته آمريڪي سينيٽرز کي دهشتگردن کان ڪليئر ڪرايل قبيلائي علائقن جو دورو ڪرايو ويو، جڏهن ته آمريڪا سميت سمورا ملڪ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪاميابين جو اعتراف ڪري چڪا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته بريفنگ ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جون ڪارروايون ۽ ڪاميابيون پوري دنيا جي سامهون آهن، ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم اجلاس کي سعودي عرب جي دوري جي باري ۾ آگاهه ڪيو، واضح رهي ته وزيراعظم گذريل ڏينهن سعودي عرب جو دورو ڪيو، جتي سعودي ولي عهد سميت اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪي سفير سامهون سڌو سنئون موقف اپنائيندي چيو هيو ته پاڪستان کي آمريڪا کان ڪنهن مالي يا عسڪري امداد جي ضرورت ناهي، دهشتگردي خلاف اسان جي ڪردار ۽ اعتماد کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اي پيپر